خليفي غلام نبي جو ڪلام

خليفي غلام نبي جو ڪلام

خليفي غلام نبي جو ڪلام

خليفي غلام نبي جو ڪلام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور صوفي شاعر خليفي غلام نبيءَ جي ڪلام تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”خليفي غلام نبي صاحب پنهنجو ڪلام شروع کان ئي پاڻ لکندو هو. خليفو غلام نبي لغاري وڏي علم وارو شخص هو. هي پنهنجو ڪلام پاڻ لکندو هو، جنهن تان پوءِ ٻيا اتارا ٿيا. 66-1956ع ۾ خليفي نبي بخش صاحب جي رسالي تي تحقيق ڪندي راقم هڪ قلمي رسالي جي پويان خليفي غلام نبي سائينءَ جو ڪلام ڏٺو، جيڪو شهر ڌوراجي (رياست جهونا ڳڙهه) جي ويٺل فقير
محمد بن حاجي ولد محمد ’شهر مصطفيٰ آباد‘ (جهونا ڳڙهه) ۾
1319هه/1901ع ۾ اتاري لکيو. اهو قلمي ڪتاب خليفي احمد سائين لغاريءَ کي 1944ع ۾ شهر ڌوراجي ۾ مليو، ان جي عڪس (فوٽو ڪاپي) تان هن ڪلام کي ڀيٽي ڇاپي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.“
هن ڪتاب ۾ خليفي غلام نبيءَ جي سوانح حيات پڻ شامل آهي. سندس ڪلام ۾ ثنا ۽ صفت حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم، مناجات، مرشد مسند ڌڻي (حزب الله شاهه پير پاڳاري) جي شان ۾ ٻه مداحون، ٽيهه اکري سسئي پنهون، بيت، ڪافيون، ڀڄن ۽ شبد وغيره شامل آهن. خليفي غلام نبيءَ جو ڪلام پنهنجي ڏاڏي خليفي نبي بخش لغاريءَ جيان انقلابي ۽ قومي رنگ ۾ رنڱيل آهي. ڪتاب جي پٺئين ٽائيٽل تي خليفي غلام نبيءَ جي تربت جي تصوير ڏنل آهي. ڊيمي سائيز، چار رنگي ٽائٽل، پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ 168 صفحا آهن ۽ قيمت 200 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب سال 2010ع ۾ حر هسٽاريڪل سوسائٽي سانگهڙ طرفان سوسائٽي جي باني فقير مير محمد نظاماڻي ڇپرايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو